ڪينسر جي مرض جو شڪار ڳائڻي هير سنگهار جو چيڪ تيار

news

لاهور: (اڱارو 04 جون 2019ع) ڪينسر جي مرض جو شڪار ڳائڻي هير سنگهار جو چيڪ تيار ٿي ويو آهي.

گذريل ڏينهن ڳائڻي ناصر بيراج مهدي ثقافت کاتي پاران مشهور ڳائڻي جي علاج لاءِ جاري ڪيل 5 لک روپين جو چيڪ وصول ڪيو.

ميڊيا رپورٽ موجب ناصر بيراج هير سنگهار کي اهو چيڪ سندس اباڻي شهر خانپور ۾ پهچائيندو. هير سنگهار صوبائي وزير صمصام بخاري جو شڪريو ادا ڪيو آهي جنهن ذاتي دلچسپي وٺندي وزيراعليٰ کان فنڊ منظور ڪرايو. 

ڳائڻي چيو ته منهنجي حڪومت کان اپيل آهي ته منهنجو گهر مون کي واپس ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.