پيپلزپارٽي کي ججن خلاف ريفرنس تي ڳڻتي آهي: نثار احمد کهڙو

news

لاڙڪاڻو(رپورٽ: ظهير ابڙو)اڱارو 04 جون 2019ع: پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان صدر کي لکيل مان خط لڳي ٿو ته عدليه جي آزاديءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان لاءِ صدر طرفان قاضي فائز عيسيٰ بابت موڪليل ريفرنس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڪو طريقو ڪڍي ريفرنس واپس وٺي.

تبديلي سرڪار اپوزيشن، عوام ۽ ميڊيا جو ڳلو دٻائڻ کان بعد هاڻ عدليه جي ڳلي کي به دٻائي رهي آهي، پيپلزپارٽي کي ججزن خلاف ريفرنس تي ڳڻتي آهي، پيپلزپارٽي ئي آهي، جنهن هميشه بنا ڪنهن فرق احتساب جي حمايت ڪئي آهي پر اهڙو قسم نه کنيو وڃي، جنهن سان ادارن وچ ۾ ٽڪراءُ جي صورتحال هجي.

لاڙڪاڻي شهر جي بيگم نصرت ڀٽو ملٽي پرپز هال ۾ عيد کان اڳ مستحق عورتن ۾ سلائي مشينون ۽ معذور ماڻهن ۾ وهيل چيئر ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي بجيٽ عوامي بجيٽ هوندي جنهن سان عوام کي رليف ڏيڻ ۽ غربت جي خاتمي لاءِ پروگرامن جا اعلان ڪيا ويندا ۽ بجيٽ ۾ صحت، تعليم، روڊن جي ڄار ۽ واٽر سينيٽيشن جي نيٽ ورڪ تي ڌيان ڏنو ويندو.

هن چيو ته وفاقي حڪومت فوري طور تي نئون قومي مالياتي ايوارڊ جاري ڪري ۽ نئين ايوارڊ ۾ روينيو جنريشن کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي، عام واهپي جي شين تي سيلز ٽئڪس سنڌ روينيو بورڊ کي وصول ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ هول سيل ۽ رٽيل سيلز ٽئڪس خدمتن جي ڪئٽيگري اچن ٿا پر ايف بي آر اهي ٽئڪس پاڻ وصول ڪري رهيو آهي، جيڪي سنڌ روينيو بورڊ کي وصول ڪرڻ ڏني وڃي.01