سعد رفيق جو خيبرپختونخواهه ۾ عيد تي ردعمل

news

لاهور: اڱارو 04 جون 2019: مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت پهريون ڀيرو 28 روزن بعد عيد ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، رويت هلال ڪميٽي ۽ سائنس حيران ۽ پريشان آهن.

سعد رفيق جو چوڻ آهي ته 29هون روزو هڙپ ڪرڻ جي گناهه جو اختيار ڪٿان مليو؟

مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ماريلن جو روزو ۽ عيد خراب ڪري حڪمرانن کي ڇا مليو؟

واضح رهي ته خيبرپختونخواهه ۾ سرڪاري سطح تي اڄ عيدالفطر ملهائي پئي وڃي.

خيبرپختونخواهه حڪومت پنهنجي ئي وفاقي حڪومت جي فيصلي کي رد ڪري پشاور ۾ غير سرڪاري رويت هلال ڪميٽي جي سربراهه مفتي شهاب الدين پوپلزئي جي اعلان جي توثيق ڪندي عيد ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو.