ڪوٽڙي ۾ درزي جي دڪان کي کاٽ، چار سئو نوان وڳا چوري، متاثرن جو احتجاج

news

ڪوٽڙي:اڱارو 04 جون 2019ع: ڪوٽڙي ۾ عيد کان اڳ چورن ترتپائي ڇڏيو، هڪ هفتي ۾ ٽي موٽرسائيڪل چوري ڪرڻ سميت درزي جي دڪان کي کاٽ هڻي سوين نوان وڳا چوري ڪري ويا. شهرين ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايس ايڇ او کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪوٽڙي جي خدا جي بستي واري علائقي ۾ درزي استاد شريف جي دڪان جا اڻڄاتل چور تالا ٽوڙي چار سئو نوان وڳا چوري ڪري ويا.

جڏهن ته ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي نائب صدر مجيد بلوچ جي موٽرسائيڪل وچ شهر مان شيرازي پاڙي جي رهواسي وحيد علي، گودڙائي پاڙي وٽان اعجاز مغل جي گهر ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪل چور چوري ڪري ويا، متاثر شهرين پاران ڪوٽڙي ٿاڻي تي واقعي جي رپورٽ داخل ڪرائي آھي پر ڪوٽڙي پوليس موٽرسائيڪلون هٿ ڪرڻ سميت دڪان جا تالا ٽوڙيندڙن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي.

جڏهن ته ايس ايڇ او ڪوٽڙي عمران آفريدي شهرين سان پيش آيل واقعي تي چٿرون ڪرڻ لڳو، موٽرسائيڪل چوري ٿيندڙ متاثر شهري ايس ايڇ او سان ملاقات ڪري موٽرسائيڪلون واپس ڪرائڻ جي گهر ڪئي ته ايس ايڇ او کين اهو چيو ته گاڏين کي تالا نه هڻندو ته ائين ئي چوريون ٿينديون.

ايس ايڇ او جي اهڙي روش تي متاثر ايس ايس پي ڄامشورو توقير نعيم سان ملاقات ڪري واقعن بابت آگاھ ڪيو،  جنهن تي ايس ايس پي متاثرن کي چوري ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ سامان واپس ڪرائڻ ۽ ڪارروائي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

ايس ايس پي توقير نعيم رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته چورن خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهيون، جلد موٽرسائيڪلون هٿ ڪري شهرين حوالي ڪنداسين، پوليس شهرين جي حفاظت لاءِ آھي.01