شهدادپور ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي نااهلي سبب گندو پاڻي روڊن تي اٿلي پيو، شهرين کي مشڪلاتون درپيش

news

شهدادپور: اڱارو 04 جون 2019ع:شھدادپور ۾ ميونسپل ڪاميٽي ۽ پبلڪ ھيلٿ جي نااھلي سبب عيد جي ڀلاري رات تي شھر جي ملدسي روڊ سوائي روڊ جاني پورا ۽ ٻين علائقن اندر ڊسپوزل بند ڪرڻ سبب گٽرن  جو گندو پاڻي روڊن تي اٿلي پيو.

عيد خريداري لاءِ ايندڙ ويندڙ کي مشڪلاتون درپيش، عيد جي رات شھر اندر گندو پاڻي روڊن تي اچي بيھڻ ۽ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ڪري ھر طرف گندگي پکڙجي وڃڻ ڪري ايندڙ ويندڙن سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي.

ميونسپل ڪاميٽي شھدادپور کي پنھنجي جاگير سمجھي ھلائيندڙن شھر مان گندي پاڻي جي نيڪالي ۽ صفائي سٿرائي لاءِ ڪوبه تحرڪ نه ورتو آھي.

ان سلسلي ۾ صفائي واري عملي جو چوڻ آھي ته اڌ کان وڌيڪ صفائي وارو عملو ويزا تي ھئڻ ڪري سمورو صفائي وارو ڪم اسان کان جبري طور ورتو پيو وڃي. اسان به انسان آھيون، ڪٿي ڪٿي صفائي ڪريون، ويزا وارن کي گھرائي صفائي ۽ گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.01