فلسطين ۾ چوويهن سالن کان پوءِ سعودي عرب کان مختلف ڏينهن تي عيد ملهائي وئي

news

غزه:اربع 05 جون 2019ع:  فسلطين ۾ 1994 کان پوءِ پهريون ڀيرو سعودي عرب کان مختلف ڏينهن تي عيد ملهائي پئي وڃي.
خبرن موجب انهي حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪجهه فلسطيني شهرين جو چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا پاران اسرائيل – فلسطين امن منصوبو پيش ڪرڻ کان پهرين سياسي تناظر ۾ ورتو ويو هجي.
فلسطيني اختيارين پاران عيدالفطر بابت انهي دعويٰ کي رد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي فلسطين ۾ سعودي عرب کان مختلف ڏينهن تي عيد ملهائڻ تي مذاق اڏايو ويو. يروشلم ۽ ٻين فلسطيني علائقن ۾ سرڪاري ميڊيا تي 3  جون تي تصديق ڪئي هئي ته شوال جو چنڊ نظر نه آيو عيد 5 جون تي ملهائي ويندي.

ياد رهي ته سعودي عرب ۾ عيد ڪالهه 4 جون تي ملهائي وئي جڏهن ته ايران پاران عيد اڄ ملهائي پئي وڃي.

يروشلم ۾ سپريم اسلامڪ ڪائونسل جي اڳواڻ عڪرمه صابري جو چوڻ هو ته 1994 ۾ فلسطيني اٿارٽي جي جڻڻ کان پوءِ هي پهريون ڀيرو آهي جو سعودي عرب کان مختلف ڏينهن تي عيد ملهائي پئي وڃي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته فلسطين ۾ اسان وٽ سعودي عرب جهڙي ٽيڪنالاجي موجود ناهي ۽ اسان جي ملڪ کي جغرافيائي صورتحال سبب چنڊ ڏسڻ ۾ مدد نه ٿي ملي.

سندس چوڻ هو ته سياسي مسئلن واريون خبرون سراسر بي بنياد آهن، سعودي عرب جي پاڙيسري ملڪ مصر ۾ پڻ عيد اڄ ملهائي پئي وڃي. ٻئي پاسي فلسطين جي هڪ گروپ مفتي جو فيصلو رد ڪندي عيد 4 جون تي ملهائڻ جو پڻ اعلان ڪيو هو.