دفاعي بجيٽ ۾ ساليانو اضافو نه وٺڻ وارو فيصلو قوم تي احسان ناهي: آرمي چيف

news

راولپنڊي:اربع 05 جون 2019ع:   آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ آهي ته دفاعي بجيٽ ۾ ساليانو اضافو نه وٺڻ وارو فيصلو قوم تي احسان ناهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا لائين آف ڪنٽرول جي دوري دوران جوانن سان عيد ملهائي.

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس آر پي موجب آرمي چيف پاڪستان جي امن ۽ خوشحالي و سلامتي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا انهي موقعي تي چيو ته سپاهي جي عيد سندس اهو فخر آهي ته هو عيد واري ڏينهن به پنهنجي گهر ڀاتين کان پري پنهنجي وطن جي دفاع لاءِ مصروف آهي. گهرن ۾ موجود ڪٽب بعد ۾ ڇو ته وطن جي محافظن جي لاءِ پهرين فيملي پاڪستاني قوم آهي.

آرمي چيف جو چوڻ هو ته دفاعي بجيٽ ۾ ساليانو اضافو نه وٺڻ وارو فيصلو قوم تي احسان ناهي. اسان هڪ آهيون ۽ اهو قدم هر قسم جي حالتن ۾ يڪجهتي جو عزم آهي. بجيٽ ڪٽوتي جي خطرن جي خلاف دفاعي صلاحيت تي ڪو به اثر نه پوندو ۽ نه ئي انهي سان سپاهين جي معيار زندگي متاثر ٿيندي، ڇو ته پگهارن ۾ اضافو نه وٺڻ واري فيصلي سبب سپاهين جي لاءِ نه پر صرف آفيسرن جي لاءِ آهي.