مڃان ٿو ته ملڪ ۾ مهنگائي آهي، هي امتحان جا ڏينهن آهن: شيخ رشيد

news

راولپنڊي: ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ملڪ ۾ منگهائي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته معيشت کي ٺيڪ ٿيڻ ۾ اڃا هڪ سال لڳي سگهي ٿو. راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد هڪ ڀيرو ٻيهر نالا لئي منصوبي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ سياست کي الوداع جو اعلان ڪيو.

شيخ رشيد انهي ڳالهه جو اعتراف ڪندي چيو ته مان اقرار ٿو ڪريان ته امتحان جا ڏينهن آهن ۽ مهنگائي آهي، معيشت کي ٺيڪ ٿيڻ ۾ هڪ سال لڳي سگهي ٿو. مون وزير اعظم کي سامهون اهو چيو آهي ته ملڪ ۾ مهنگائي ۽ بيروزگاري تمام گهڻي آهي، جنهن جا ذميوار نواز شريف ۽ آصف علي زرداري آهن.

شيخ رشيد جو چوڻ هو ته مخالف لٽيل دولت کي بچائڻ لاءِ ٻاهر نڪرن پيا.  نهن آهن: شيخ رشيد