شهباز شريف اٺ جون تي واپس وطن موٽي رهيو آهي: راڻا ثناءُ الله

news

فيصل آباد: اربع 05 جون 2019: پنجاب جي اڳوڻي قانون واري صوبائي وزير چيو آهي ته باجي فردوس عاشق اعواڻ کي ميان شهباز شريف جي گهڻي ياد اچي رهي آهي.

ميان شهباز شريف 8 جون تي پاڪستان اچي رهي آهي ۽ اميد آهي ته فردوس عاشق اعواڻ ايئرپورٽ تي شهباز شريف جي پاڻ استقبال ڪندي.

راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته نالائقن جو ٽولو گڏ ٿي ملڪ کي تباهه ڪري رهيو آهي ۽ ملڪ کي تباهي ۽ انهن نالائقن کان آزادي ڏيارڻ لاءِ مخالف ڌر جون جماعتون گڏ ٿي رهيون آهن.

عيد کانپوءِ حڪومت جي خلاف احتجاج جو لائحه عمل گڏيل صلاح مشوري سان جوڙينداسين.