ايشيا جي خوبصورت جهيل سيف الملوڪ کي پنجن مهينن کان پوءِ سياحن لاءِ کوليو ويو

news

پشاور: (خميس 06 جون 2019ع) سمنڊ کان ساڍا 10 هزار فٽ مٿي ايشيا جي سڀني کان وڌيڪ خوبصورت جهيل سيف الملوڪ جا رستا  5 مهينن کان پوءِ سياحن لاءِ کوليا ويا.

ٽورازم پروموشن ايسوسي ايشن آف ڪاغان ويلي جي چيئرمين سيٺ مطيع الله صحافين کي ٻڌايو ته سياري جي موسم ۾ سخت برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب جهيل جا روڊ بند ٿي ويندا هئا ۽ هر سال لکين سياح صرف جهيل سيف الملوڪ ڏسڻ جي لاءِ ناران ايندا آهن.

مطيع الله موجب هنن سرڪاري ادارن جو انتظار ڪرڻ بجاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت جهيل جي رستن ۾ سموريون رڪاوٽون هٽائي عيد کان اڳ ئي جهيل کي سياحن جي لاءِ کولي ڇڏيو آهي ته جيئن عيد تي ناران ايندڙ سياحن جي خوشي ٻيڻي ٿي وڃي.

جهيل سيف الملوڪ وادي ڪاغان ۾ 10578 فٽ اوچائي تي واقع آهي. ۽ هر سال هزارين ماڻهو ناران کان جيپن يا پنڌ جهيل تائين پهچندا آهن.