عيد تي به نوازشريف کي گهر وارن سان نٿو ملڻ ڏنو وڃي: مريم اورنگزيب

news

لاهور: (خميس 06 جون 2019ع) مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نوازشريف کي عيد تي ۽ بيماري ۾ به ماءُ، ڌيءَ ۽ گهر وارن سان نٿو ملڻ ڏنو وڃي. عمران جي بي حسي ۽  انتقامي سياست جي انتها آهي.

مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب نوازشريف کي ڌيءَ مريم نواز ۽ ماءُ سان نه ملڻ ڏيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان نوازشريف جيل ۾ ئي آهي، ان جي ماءُ ۽ ڌيءَ کي اوهان جي حڪم تي نه پيو ملڻ ڏنو وڃي. اوهان جي ته عيد ٿي وئي. نوازشريف سان هفتيوار ملاقات جي لاءِ مقرر ڪيل ڏينهن خميس تي به ملاقات نه ڪرائي وئي.

مريم اورنگزيب چيو ته نوازشريف کي عيد تي ۽ بيماري ۾ به ماءُ، ڌيءَ ۽ گهر وارن سان نٿو ملڻ ڏنو وڃي اها عمران خان جي بي حسي ۽ انتقامي سياست جي انتها آهي. عمران خان صاحب سياست ۾ جنهن انتقام ۽ نفرت جي بنياد اوهان وڌي آهي. اوهان پاڻ ان جو شڪارٿي رهيا آهيو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب عيد تي نوازشريف کي سندس ڌيءَ ۽ ماءُ سان ملڻ نه ڏيڻ سان اوهان کي دلي سڪون ملي رهيو هوندو. 

نوازشريف بيمار آهي، ان جي ڌيءَ ۽ ذاتي ڊاڪٽر کي ان سان ملڻ نه  پيو ڏنو وڃي. اوهان جا 50 ترجمان صرف نوازشريف جي صحت تي سياست ڪري رهيا آهن. پر نوازشريف سان گڏ الله ۽ ڪروڙين ماڻهن جون دعائون آهن. الله نوازشريف کي سلامت  ۽ خوش رکي.