سجاول ويجهو واهه ۾ وهنجندي ٻڏي ويل نوجوان جو لاش هٿ

news

سجاول: خميس 06 جون 2019ع:سجاول ۾ عيد جي ڏھاڙي واھ تي وهنجڻ لاءِ ويل نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو، 27 ڪلاڪن جي جدوجهد بعد لاش هٿ ڪيو ويو، افسوسناڪ واقعي سبب شهر جو ماحول سوڳوار ٿي ويو. فوت ٿيل نوجوان جي گهر عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل، سجاول جو رهائشي نوجوان ذوالفقار علي ميمڻ دوستن سان گڏ سجاول ڀرسان دڙو برانچ تي وهنجڻ لاءِ پاڻي ۾ لٿو ته تيز وهڪري سبب پنهنجو توازن برقرار رکي نه سگهيو ۽ ٻڏي فوت ٿي ويو.

اھڙو اطلاع ملڻ تي سجاول جا سوين شهري توڙي چونڊيل نمائندا اڳوڻو ناظم سيد شفقت شاھ شيرازي، ايم اين اي اياز علي شاھ شيرازي، ايم پي اي شاھ حسين شاھ شيرازي سميت ڊي سي سجاول محمد اسماعيل ميمڻ ۽ ٻيا دڙو برانچ تي پهچي ويا.

ڪيترن ئي ڪلاڪن جي جدوجهد بعد لاش هٿ نه اچڻ ڪري پاڪستان نيوي جي ٽوٻن جي مدد حاصل ڪئي وئي پر اوندهه ٿيڻ سبب لاش جي تلاش ختم ڪري ٻئي ڏينهن صبح جو واقعي واري جاءِ کان ٽي ڪلو ميٽر پري مڇارا ڳوٺ وٽان لاش هٿ ڪري ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال سجاول پهچايو ويو، جنهن بعد لاش وارثن حوالي ڪري مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو.01