ڳائڻي ريحانه ميوزڪ جي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ امير عورت بڻجي وئي

news

نيويارڪ: (خميس 06 جون 2019ع) مشهور ڳائڻي ۽ عالمي شهرت رکندڙ ريحانه ميوزڪ جي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ امير ترين عورت بڻجي وئي آهي.

بزنس ميگزين فوربز جي موجب برباڊوس جي ميوزڪ جي راڻي جي ٽوٽل اثاثن جي ماليت 60 ڪروڙ ڊالر کان به وڌيڪ آهي. 

ياد رهي ته 31 ساله ڳائڻي ريحانه هن وقت ميڊونا ۽ هيونس کي به  پوئتي ڇڏي ڏنو آهي ۽ پاڻ هن وقت ميوزڪ جي دنيا جي سڀني کان وڌيڪ امير ترين عورت  بڻجي وئي آهي.

ياد رهي ته  ريحانه کان اڳ مشهور ڳائڻي ميڊونا به گهڻو نالو، شهرت ۽ پئسو ڪمايو هو. ڪجهه وقت اڳ ميڊونا ڳائڻين ۾ سڀني کان وڌيڪ پئسي واري هئي. جڏهن ته هن وقت ريحانه ميوزڪ جي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ امير عورت بڻجي وئي آهي.