والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان وڌيڪ چار ڪشميري نوجوان شهيد

news

سرينگر: (جمعو 07 جون 2019ع) ڀارتي فوج جي والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي جتي اڄ وڌيڪ چئن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو آهي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج پلواما ضلعي ۾ آبادين جو گهيراءُ ڪيو ۽ گهر گهر تلاشي ورتي ۽ لاسي پور جي علائقي پنجران ۾ تلاشي دوران فائرنگ ڪري چئن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج علائقي ۾ ٻن گهرن کي به تباهه ڪيو آهي ۽ شهيد ٿيندڙ چئني نوجوانن جا مڙهه به متاثر گهر مان مليا آهن.شهيد نوجوانن جي سڃاڻپ سليمان، شبير احمد ڊار، عمران بٽ ۽ عاشق حسين غني جي نالن سان ٿي آهي.

واقعي کان پوءِ مقامي ماڻهن ڀارتي رياستي دهشتگردي خلاف روڊن تي نڪري سخت احتجاج ڪيو ۽ ان دوران ڀارتي پوليس ۽ فوجي اهلڪارن طرفان مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پيلٽ گن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو به استعمال ڪيو ويو.

قابض ڀارتي فورس جي سفاڪ آپريشن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ماڻهو زخمي به ٿيا آهن.