مشهور پاڪستاني جوڙي احد رضا مير ۽ سجل علي مڱڻي ڪري ڇڏي

news

لاهور: (جمعو 07 جون 2019ع) مشهور ڊرامي(يقين کا سفر) کان مداحن جي پسنديده جوڙي جو اعزاز حاصل ڪندڙ  ڳائڻي  ۽ اداڪار احد رضا مير اداڪاره سجل علي سان مڱڻي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب ڳائڻي ۽ اداڪار احد رضا مير اداڪاره سجل علي سان مڱڻي ڪرڻ جو اعلان سماجي رابطن جي ويب سائٽ انسٽا گرام تي ڪيو. احد رضا مير چيو ته مون کي ان ڳالهه جو اعلان ڪندي تمام گهڻو خوشي ٿي رهي آهي ته پنهنجي خاندانن جي دعائن سان اسان ٻنهي ڄڻن مڱڻي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجي پيغام ۾ احد رضا مير چيو ته اسان جو خاص ڏينهن اسان جي خاندان، دوستن ۽ مداحن جي دعائن ۽ محبت سان وڌيڪ خاص بڻجي ويو آهي. ياد رهي ته هن جوڙي جا چرچا ڪافي ڏينهن کان هلي رهيا هئا. جيڪي پهريون دفعو ڊرامي(يقين کا سفر) ۾ گڏ نظر آيا هئا ۽ هن وقت ڊرامي آنگن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.

ٻنهي جي وچ ۾ مڱڻي جي خبر ملندي ئي مبارڪباد ۽ پيغامن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن احد مير ۽ سجل علي جي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. ياد رهي ته اداڪاره سجل علي ۽ احد رضا مير ڪيترن ئي ٽي وي ڊرامن سان گڏ بالي ووڊ فلم ۾ به ڪم ڪري چڪا آهن.