بلاول ڀٽو زرداري مٿان الزام هڻي کيس سياست مان الڳ نٿو ڪري سگهجي: قمرالزمان ڪائره

news

فيصل آباد: (جمعو 07 جون 2019ع)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمرزمان ڪائره چيو آهي ته حڪومت کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ گهرجي، بلاول ڀٽو زرداري مٿان الزام هڻي کيس سياست مان الڳ نٿو ڪري سگهجي.

فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي قمرزمان ڪائره چيو ته بلاول ڀٽو زرداري مٿان الزام هڻي کيس سياست مان نٿو هٽائي سگهجي. اسان  گڏ هلڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ته هيءَ چون ٿا ته اسان اين آر او گهري رهيا آهيون. ڪيترائي دفعا چيو آهي ته ڌرڻو هڻڻ اسان کي به پسند ناهي. بلاول ڀٽو زرداري پهرين ئي ڏينهن عمران خان کي چيو هو ته قدم وڌايو اسان اوهان سان گڏ آهيون. اسان چارٽر آف معيشت ڪرڻ چاهيون ٿا. پر اسان سان تعاون نه پيو ڪيو وڃي. اسان جي ڳالهين کي نه مڃيو ويو ۽ اهو چيو ويو ته اسان اين آر او گهري رهيا آهيون.

پ پ اڳواڻ چيو ته حڪومت هر معاملي ۾ يو ٽرن وٺي ماڻهن جي زندگي ۾ وڌيڪ پريشانيون پيدا نه ڪري. اسان حڪومت ڪيرائڻ نٿا چاهيون پر رويو درست ڪيو وڃي. حڪومت جو رويو درست ناهي ان لاءِ احتجاج جو فيصلو ٿيو. جڏهن عوام مٿان مهانگائي جا بم ڪيرايا ويا ته مجبور ٿي اسان ٻاهر نڪتاسين. هاڻ وري بجيٽ اچي رهيو آهي. ان ۾ وڌيڪ مهانگائي ڪئي ويندي. شهباز شريف مخالف ڌر جي اڳواڻي ڪندو. حڪومت خلاف تحريڪ ڪهڙو رخ اختيار ڪندي اهو وقت ٻڌائيندو.

قمرزمان ڪائره چيو ته حڪومت کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ گهرجي. غدارين جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ درست فيصلو ناهي هوندو. نمائنده عوام جي ووٽ سان ايوان ۾ آيا آهن. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ محسن داوڙ هيرو هيو. جڏهن فاٽا جي سيٽن تي بل آيو ته سڀني ان کي منظور ڪيو. هاڻ وري انهن مٿان پرڏيهي ايجنسين کان فنڊنگ جو الزام آهي.  قمرالزمان ڪائره وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن محسن داوڙ تي الزام آهن ته سندس عدالتي ٽرائل ڪيو وڃي.