نواز شريف ۽ زرداري هڪ ٻئي کي داءُ تي لڳائڻ جي چڪر ۾ آهن: صمصام بخاري

news

لاهور: (جمعو 07 جون 2019ع) پنجاب جي اطلاعات واري وزير صمصام بخاري چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي کي داءُ تي لڳائڻ جي چڪر ۾ آهن پر پ پ ۽ نون ليگ جي ملي ڀڳت وائکي ٿيڻ واري آهي.

اوڪاڙه ۾ تقريب کي خطاب ڪندي صمصام بخاري چيو ته پ پ ۽ مسلم ليگ ن پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا. هن چيو ته سزا مليل شخص کي جيل ۾ هئڻ تي به سياست ڪئي پئي وڃي، عيد کانپوءِ رڳو بجيٽ ايندي، ڪا به احتجاجي تحريڪ نه هلندي.

صمصام بخاري چيو ته  حڪومت اڳيان مسئلن جو حل پهرين ترجيح آهي، مسئلن جا انبار ڇڏيا ويا هاڻي صورتحال بهتري طرف وڃي رهي آهي، عمران خان ڪرپٽ عنصرن سان سوديبازي نه ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي.

هن چيو ته عمران خان اقتدار بچائڻ لاءِ ڦرلٽ ڪندڙن سان ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه ملائيندو، شهباز شريف لنڊن مان واپسي تي اسحاق ڊار کي گڏ آڻڻ نه وساري.