زيارت: گاڏي ۾ سلينڊر ڌماڪو: ڪراچي کان تفريح لاءِ آيل ٽي ڄڻا فوت

news

زيارت: (جمعو 07 جون 2019ع) بلوچستان جي ضلعي زيارت ۾ ڪراچي کان تفريح لاءِ ايندڙ فيملي جي گاڏي ۾ سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

پوليس موجب واقعو زيارت ۾ زيرو پوائنٽ جي ويجهو پيش آيو جتي رينٽ تي ورتل گاڏي ۾ سي اين جي سلينڊر زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. گاڏي ۾ 2 عورتن سميت 4 ڄڻا سوار هئا.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار سمورا ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا جنهن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جي سٽ نه سهندي 2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيندڙن جو تعلق ڪراچي سان آهي جيڪي تفريح ڪرڻ لاءِ ڪوئٽه کان زيارت پهتا هئا. جڏهن ته ضروري ڪارروائي کان پوءِ ميتن کي وارثن جي حوالي ڪيو ويندو.