مريم اورنگزيب عورت هجڻ جو ناجائز فائدو نه کڻي: شوڪت يوسفزئي

news

پشاور: (جمعو 07 جون 2019ع) ڪي پي ڪي جي اطلاعات واري وزير شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته مريم اورنگزيب عورت هجڻ جو ناجائز فائدو نه کڻي.

مخالف ڌر جي اڳواڻن پاران حڪومت تي ڪيل تنقيد جي جواب ۾ شوڪت يوسفزئي چيو ته عمران خان ڪروڙين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن آهي. چونڊيل وزيراعظم جي خلاف نازيبا لفظ قابل مذمت آهن.

هن چيو ته نوازشريف حسن ڪارڪردگي تي جيل ناهي ويو ان تي اربين روپين جي ڪرپشن جا ڪيس آهن. لاڏلي شريف جي لاءِ جيل جا قانون نٿا بدلائي سگهون.

نوازشريف جي ڊيوٽي جي لاءِ رانا ثناءُالله، مريم اورنگزيب ۽ خواجه آصف ئي ڪافي آهن. جڏهن ته مريم اورنگزيب عورت هجڻ جو ناجائز فائدو نه کڻي.

شوڪت يوسفزئي چيو ته مهانگائي جو بهانو ڪري مخالف ڌر احتساب کي لڪائڻ چاهي ٿي. عوام چورن کي ٻيهر واپسي جو موقعو نه ڏيندو. مخالفن جي تحريڪن سان احتساب نه رڪجندو.