برطانوي وزيراعظم ٿريسامي اڄ مستعفي ٿي ويندي

news

لنڊن: جمعو 07 جون 2019: برطانوي وزيراعظم ٿريسامي اڄ مستعفي ٿي ويندي. اڳوڻي برطانوي پرڏيهي وزير بروس جانسن جي نئين وزيراعظم ٿيڻ جا امڪان آهن.

رپورٽ موجب برطانوي وزيراعظم ٿريسامي وزيراعظم جي عهدي سان گڏ ڪنزرويٽو پارٽي جي اڳواڻ جي عهدي تان مستعفي ٿي ويندي. جڏهن ته پارليامينٽ جي نئين وزيراعظم چونڊجڻ تائين هوءَ عهدي تي برقرار رهندي.

ذريعن موجب اڳوڻي پرڏيهي وزير بورس جانسن جي برطانيا ۾ نئين وزيراعظم بڻجڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به پنهنجي دوري دوران سفارش ڪري ويو هو ته بورس جانسن وزيراعظم جي لاءِ موزون اميدوار آهي.