مردان ۽ صوابي جي وچ ۾ ڪڙه مار جي پهاڙين ۾ باهه لڳي وئي: آءِ ايس پي آر

news

راولپنڊي: جمعو 07 جون 2019: خيبرپختونخواهه جي ضلعي صوابي ۽ مردان وچ ۾ ڪڙه مار جي پهاڙن ۾ باهه لڳي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب خيبرپختونخواهه جي علائقي صوابي ۾ آرمي جي هيليڪاپٽرن جون باهه تي قابو پائڻ جي لاءِ اڏامون جاري آهن.

باهه تي قابو پائڻ لاءِ هيليڪاپٽرن جون 9 اڏامون ڪم ڪري رهيون آهن.

آءِ ايس پي آر موجب ڪڙه مار پهاڙي سلسلو مردان ۽ صوابي ضلعي تائين پکڙيل آهي.