پنوعاقل واسي ھندو واپاري ٽرين مان ڪري فوت

news

پنوعاقل:جمعو 07 جون 2019ع: پنوعاقل جو رھواسي ھندو واپاري ريلوي اسٽيشن تي ھلندڙ ٽرين مان لھڻ دوران ڪري فوت.

پنوعاقل واسي 3 واپاري لاھور کان شاھ رڪن عالم ايڪسپريس تي پنوعاقل اچي رھيا ھئا ته ٽرين پنوعاقل اسٽيشن تي رفتار ٿوري آھستي ٿي ته گھنشام داس ٽپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھن جو پير سلپ ٿي ٽرين ھيٺان اچي ويو، جنھن ڪري کيس ڌڪ لڳڻ فوت ٿي ويو.

حادثي سبب شاھ رڪن عالم ايڪسپريس اڌ ڪلاڪ بيھجي وئي ۽ سندس ساٿي انيل ڪمار ۽ ٻين فوتي جو لاش پٽڙي تان کڻي اسپتال پھچايو، ريلوي جي ضروري ڪاررواين سندس مڙهه گھر پھچايو ويو.

هوڏانهن واپاري جو اوچتو مڙهه گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪھرام مچي ويو. جڏهن ته گھنشام داس صابڻ جو واپاري جيوڻ مل جو پٽ ھو.01