لنڊن: بس ۾ سوار هم جنس پرست عورتن تي حملو، مارڪٽ

news

لنڊن: (ڇنڇر08 جون 2019ع) لنڊن ۾  هم جنس پرست عورتن کي مردن جي هڪ گروپ مارڪٽ ڪري رتورت ڪري ڇڏيو.

برطانوي ميڊيا موجب واقعو ڪيمڊن ٽائون ۾ پيش آيو جتي هڪ هلندڙ بس ۾ هم جنس پرست عورتن کي چُمي نه ڏيڻ تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. 

28 ساله  متاثره عورت گيمونيٽ جو چوڻ آهي ته هو رات جو پنهنجي دوست سان گڏ بس ۾ سوار ٿئي ته ان دوران مردن جي هڪ ٽولي اسان کي جنسي طور هراسان ڪيو ۽ چُمي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

گيمونيٽ ٻڌايو ته چُمي ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي مون کي ۽ منهنجي دوست کي سرعام مارڪٽ ڪئي وئي ۽ ايترو تشدد جو نشانو بڻايو ويو جو اسان ٻنهي جو چهرو رتو رت ٿي ويو. 

هن چيو ته ماضي ۾ اسان کي هم جنس پرستي جي زباني حملن کي منهن ڏيڻو پوندو هو پر هي پهريون  دفعو آهي جو اسان کي جسماني تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي.

پوليس واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽو حاصل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي پر اڃان تائين گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي.