اتر وزيرستان ڌماڪي ۾ شهيد پاڪ فوج جي ٻن آفيسرن جا مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

news

راولپنڊي: (ڇنڇر08 جون 2019ع) اتر وزيرستان ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ڪيپٽن عارف الله ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل راشد ڪريم بيگ جي جنازي جي نماز ادا ڪئي وئي.

شهيد ڪيپٽن عارف الله جو تعلق لکي مروت سان هو. سندس جنازي جي نماز اباڻي ڳوٺ تاجه زئي ۾ ادا ڪئي وئي ۽ شهيد کي مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي. 

شهيد ڪيپٽن عارف الله جي جنازي نماز ۾ اعليٰ آفيسرن ۽ ٻين ماڻهن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. اتر وزيرستان ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي ٻئي آفيسر ليفٽيننٽ ڪرنل راشد ڪريم بيگ جو تعلق هنزه جي علائقي ڪريم آباد سان هو.

ان جي جنازي جي نماز جوٽيال ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ گلگت بلتستان جي وڏي وزير سميت فوجي آفيسرن به شرڪت ڪئي. دهشتگرديءَ جي واقعي ۾ شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل راشد ڪريم بيگ جي مڙهه کي هيليڪاپٽر ذريعي هنزه پهچايو ويو جتي شهيد جي مڙهه کي ايمبولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ پاڪ فوج جي ڪيپٽن، ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ميجر سميت هڪ حوالدار جي شهادت ٿي هئي.