فوج پنهنجي بجيٽ گهٽائڻ جو فيصلو پاڻ ڪيو آهي: شاهه محمود قريشي

news

ملتان: (ڇنڇر08 جون 2019ع) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته فوج پنهنجي بجيٽ پاڻ گهٽ ڪئي آهي، آءِ ايم ايف يا ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي ائين نه ڪيو آهي.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ملڪ جو وزيراعظم عمران خان آهي مان وزيراعظم ٿيڻ جو خواهشمند نه آهيان، مهانگائي گذريل اٺن مهينن سبب آهي، ڪهڙو طبقو آهي جيڪو  پرڏيهي اشاري تي ڏڦيڙ چاهي ٿو، اهڙو ڪم نه ڪيو وڃي جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچي، جيڪڏهن توهان جي احتجاج سان مهانگائي ختم ٿئي ٿي ته بسم الله. 

هن چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف ڏيهه واپس اچي رهيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي، وزيرستان ۾ قربانيون ڪنهن ڏنيون، دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪنهن ڪيو، اتان جون رونقون بحال ڪنهن ڪيون، هن وقت ايران سان معاملا هلي رهيا آهن، مخالف ڌر جي قدمن سان ڇا حالتون بهتر ٿينديون ڇا معيشت مضبوط ٿيندي.

شاهه محمود قريشي چيو ته سياحت کي هٿي ڏئي رهيا آهيون، ملڪ هڪ ڏکي صورتحال ۾ آهي عوام تي بار هلڪو ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان فوج سهڪار ڪيو آهي، ڪنهن به آءِ ايم ايف جي چوڻ تي نه ڪيو ويو آهي.