ڪوٽڙي ۾ سماجي تنظيم پاران بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي ايم ايس خلاف احتجاجي ريلي

news

ڪوٽڙي: ڇنڇر 08 جون 2019ع:ڪوٽڙي جي بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ عوام کي صحت جون  سهولتون نه ملڻ، اسپتال ۾ ٿيندڙ ڪرپشن خلاف سماجي تنظيم  انڊس فائونڊيشن ڄامشورو طرفان ايم ايس هٽايو تحريڪ شروع ڪندي اسٽيشن چوڪ کان ريلي ڪڍي اسپتال جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جنهن ۾ ايم ايس هٽايو ۽ اسپتال ۾ ڪرپشن جي خاتمو ڪرڻ جهيڙا نعرا هڻي رهيا هئا.

ان موقعي ته سماجي تنظيم انڊس فائونڊيشن ڄامشورو جي چيئرمين مولائي نوح کوسو، صدر رضا محمد ڳورڙ، دلشاد بليدي، شڪيل ميمڻ ۽ ٻين چيو ته ڪوٽڙي جي  بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي 20 ڪروڙ روپيا کان مٿي بجيٽ آهي، ان باوجود به ڪوٽڙي جي عوام کي اسپتال اندر دوائون نٿيون ملن، اسپتال اندر ليبارٽري غير فعال آهي، مليريا ۽ ٽائيفائيڊ سميت ٻيون ٽيسٽون نٿيون ڪيون وڃن، اسپتال جا ڊاڪٽر عوام کي پرائيويٽ ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ موڪليو وڃي ٿو.

هنن چيو ته اسپتال  مخصوص ٽولي هٿان يرغمال بڻيل آهي، اهي اسپتال تي قبضو ڪري ايندر مريضن توڙي اسپتال جي عملي سان اڍنگو رويو استعمال ڪن ٿا. ان لاءِ اڄ اسين انهن قبضي خورن خلاف روڊن تي نڪتا آهيون.

هنن وڌيڪ چيو ته  ڪوٽڙي اسپتال ۾ ضلعي ڄامشورو جي مختلف علائقن مان مريض پهچن ٿا، جن جو مڪمل علاج نٿو ڪيو وڃي، مريضن کي ٻاهران دوائون وٺڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو، هنن وڌيڪ چيو ته بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر مقصود آرائين اسپتال جي يونين اڳواڻن سان ملي ڀگت ڪري سنڌ حڪومت طرفان ملندڙ ڪروڙين روپين جي بجيٽ هڙپ ڪري ويو آهي، انهن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، ان لاءِ اسان جي سماجي تنظيم اسپتال جي ڪرپٽ عملي خلاف روڊن تي نڪتا آهيون، ايم ايس ۽ ان جي ٽيم خلاف جاچ ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ اختيارن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسپتال اندر ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪري ڪوٽڙي جي عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هنن چيو ته مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته ٻي صورت ۾ بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال انتظاميا خلاف تحريڪ جاري رکي ويندي.01