موجوده پيپلزپارٽي مفادپرستن جو ٽولو آهي: علي نواز شاهه

news

ميرپورخاص:ڇنڇر 08 جون 2019ع: ايم اين اي سيد علي نواز شاهه پاران، ميرپورخاص جي مقامي هال ۾ عيد ملن جي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ وڪيل، واپارين ۽ صحافين سميت سندن تڪ جي عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. عيد ملن پارٽي ۾ عوام کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده پيپلزپارٽي مفادپرستن جو ٽولو آهي، منهنجا سياسي مخالف اقتدار ۾ هوندي به عوام جي خدمت نه ڪري سگهيا آهن ۽ شهر کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، مون پنهنجي عوام جي خواهش تي عمران خان کي انهي شرط تي ووٽ ڏنو ته هو منهنجي تڪ ۾ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ترقياتي ڪم ڪرائيندو ۽ نوڪريون ڏيندو، هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي باني اڳواڻ اليڪشن دوران پارٽي ٽڪيٽ ورهائيندا هئا، هاڻي انهن کي پارٽي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ لائين ۾ لڳائي ڇڏيو آهي.

هن خطاب ۾ چيو ته آئون 55 سالن کان سياست ۾ آهيان ۽ هن 55 سالن ۾ 7 ڀيرا اقتدار ۾ رهيس ۽ ان دوران پنهنجي تڪ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ۽ عوام جي گهرن ۾ وڃي انهن کي نوڪريون ڏنيون، جيڪي هينئر عزت سان روزگار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته منهنجا سياسي مخالف اقتدار ۾ هوندي به عوام جي خدمت نه ڪري رهيا آهن، انهن وٽ صرف کيسو ڀرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو مقصد ناهي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مون عمران خان کي فقط انهي ڪري ووٽ ڏنو ته هو منهنجي تڪ يونيورسٽي ۽ اسپتالن سميت ٻيا ترقياتي ڪم ڪرائي ۽ عوام کي نوڪريون ڏئي، جيڪڏهن عمران خان اهي وعده پورا نه ڪيا ته آئون ٻيهر عوام وٽ ويندس ۽ عوام جيڪو فيصلو ڪندو ان تي عمل ڪرڻ هو آئون پابند هوندس، ڇو ته انهي عوام مون کي چونڊي اقتدار جي ايوان تائين پهچايو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پ پ پ ۾ سڀ مفاد پرست ويٺل آهن، هاڻي اها پارٽي شهيدن جي پارٽي ناهي رهي آهي، آئون پ پ پ جو نظرياتي ڪارڪن هئس ۽ شهيد ڀٽو ۽ منهنجي ڀيڻ شهيد بينظير ڀٽو سان گڏجي ملڪ جي عوام لاءِ سياست ڪئي آهي، هن وقت پيپلزپارٽي جي صورتحال اها آهي ته پ پ جا باني اڳواڻ جيڪي اليڪشن دوران پارٽي ٽڪيٽ ڏيندا هئا هاڻي انهن کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ لائين ۾ بيهاري ڇڏيو آهي، هاڻي شهيد ڀٽو ۽ شهيد محترما بينظير جي پارٽي ناهي رهي انهي ڪري مون پ پ کي خير آباد چئي ڇڏيو آهي.01