مورو ۾ ڳوٺاڻن پاران پوليس جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

news

مورو: ڇنڇر 08 جون 2019ع:مورو ڀرسان ڳوٺ عطا اللہ ڪورائي ۾ تعلقي مورو، ضلعي نوشھروفيروز ء سي آءِ اي پوليس جي وڏن اٽالن پاران چڙھائي ڪري گھر ۾ ڀنڃ ڊاھ ۽ عورتن معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ، گھر مان روڪ رقم، مال متاءُ ڪاھڻ واري عمل خلاف ڳوٺاڻن عورتن ء معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي امان اللہ، بشير، مظھر، عبداللہ، الھورايو، مسمات سڪينا، مسمات صغران ۽ ٻين ڪئي.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته رات دير سان 12 کان وڌيڪ پوليس موبائل سان گڏ وڏن پوليس اٽالن سان گھر ۾ ڌاڙيلن جيان داخل ٿي اسان مٿان لٺين لتن مُڪن جو وسڪارو ڪري ڏنو ۽ گھر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري گھر ۾ پيل سونا زيور، روڪ رقم، 60 کان مٿي ٻڪريون، ڏھ مينھون، 70 مڻ ڪڻڪ ۽ قيمتي سامان کڻي ويا آھن ۽ ڪجھ ڏينھن اڳ اعتڪاف ۾ ويٺل منظور ڪورائي کي بنا جواز کنڀي کڻي وڃي گم ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جو ھن وقت تائين ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگھيو آھي.

ھنن چيو ته جيڪڏھن کنڀي گم ڪيل منظور ڪورائي ۽ اسان مٿان ڪو ثبوت يا ڪيس آھي ته ان کي ظاھر ڪيو وڃي. ھنن چيو ته پوليس اسان جي مخالفن کان پئسا وٺي اسان جي گھرن تي چڙھايون ڪري رھي آھي ۽ اسان جي مٿان ھن وقت تائين ڪوبه ڪيس داخل ناھي پر ھي پئسا حاصل ڪرڻ ۽ سياسي انتقام ورتو پيو وڃي.

ان ڪري اسان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس آف سنڌ ھاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز، ڊي ايس پي مورو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺ ۽ گھرن تي بناجواز چڙھائي ڪري عورتن معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪري گھر مان مال متاءُ سامان کڻي ويندڙ پوليس آفيسر ۽ پوليس اھلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.01