ڪچي شراب جي وڪري سبب سنڌ جو معاشرو تباهه ٿي رهيو آهي: معراج الهديٰ صديقي

news

بدين:ڇنڇر 08 جون 2019ع: جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير ڊاڪٽر معراج الهديٰ صديقي چيو آهي ته سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت سنڌي جي عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي سنڌ ۾ امن نالي ڪا شئي نه آهي.

ايتري قدر نياڻين جون عزتون به محفوظ نه آهن بدين جي العباس هال ۾ عيد ملن پارٽي جي تقريب دوران خطاب ڪندي ڊاڪٽر معراج الهديٰ صديقي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ سماجي برايون عروج تي آهن، خاص ڪري ڪچي شراب جي سرعام وڪري ۽ واهپي سبب هاڻ سنڌ جو معاشرو تباهه ٿي رهيو آهي، جنهن جو مثال ٽنڊو محمد خان ۾ 13 سالن جي جمنا سامي وارو واقعو آهي.

هن چيو ته جمنا سامي هن قوم جي ڌيءَ آهي، تنهن ڪري اسان بلاول ڀٽو زرداري کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا جيڪڏهن سنڌ ۾ نياڻين جي عزت محفوظ نه رهي ته پ پ پ جو اقتدار به محفوظ رهي نه سگهندو. هن چيو ته سنڌ ۾ بدترين حڪمراني سبب ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ  جاري آهي، سنڌ جون اسپتالون تعليمي ادرا مڪامي حڪومتن جو نظام پوري طرح تباهه آهي، شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، جنهن جي سنڌ حڪمرانن کي ڪابه پرواهه نه آهي، سنڌ جا حڪمران پنهنجي ڪرپشن جا ڪرتوت لڪائڻ ۾ مصروف آهن، جڏهن  ته سنڌ حڪومت لاڙ پٽ جي واهن جو پاڻي روڪي زرعي معشيت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب لاڙ پٽ جا ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور آهن.

هن چيو ته ڪپڙو گهر ۽ روزگار ڏيڻ جي جي دعويٰ ڪندڙ پ پ پ حڪومت سنڌ جي ماڻهن کان آخري گرهه به کسي ورتو آهي، جنهن سبب سنڌ جا ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ بيروزگاري بي حيائي سماجي براين ۽ ٻين مسئلن جو حل صرف جماعت اسلامي پاڪستان وٽ آهي. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ضلعي بدين جي امير غلام رسول احمداڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.01