مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف لنڊن ۾ ٻه مهينا رهڻ کان پوءِ پاڪستان پهچي ويو

news

لاهور:(آچر 09 جون 2019ع) مسلم ليگ(ن) جو صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف لنڊن ۾ تقريبن 2 مهينا رهڻ کان پوءِ پاڪستان واپس پهچي ويو آهي.

شهباز شريف پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 758 جي ذريعي لنڊن کان لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو ته ليگي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وڏي تعداد ۾ سندس استقبال ڪيو. گاڏي تي گلن جون پتيون نڇاور ڪيون ۽ مٺايون ورهايون ويون.

پارٽي صدر جي استقبال جي لاءِ ليگي اڳواڻ امير مقام، احسن اقبال، ميان مرغوب، ميان مجتبيٰ، بلال ياسين، عظميٰ بخاري، راحيله خادم، ملڪ پرويز، شائسته پرويز، علي پرويز، وحيد عالم خان، صوبائي اسيمبلي ميمبر خواجه عمران نذير، چوڌري شهباز، غزاله سليم بٽ، ملڪ سيف الملوڪ، عطاءُالله تارڙ، عائشه غوث پاشا ۽ ٻيا اهم اڳواڻ به ايئرپورٽ تي موجود هئا.

شهباز شريف هٿ هلائي ڪارڪنن کي نعرن جو جواب ڏنو. پارٽي اڳواڻن سان ملڻ کان پوءِ شهباز شريف قافلي جي صورت ۾ ايئرپورٽ کان ماڊل ٽائون ۾ پنهنجي گهر پهتو. ياد رهي ته شهباز شريف 10 اپريل تي طبي معائني جي لاءِ برطانيه ويو هو،  سندس خلاف رمضان شوگرملز ۽ آشيانه اسڪينڊل جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.