ملتان ۾ گهريلو تڪرار تان فائرنگ، ٽي ڄڻا مارجي ويا، ڇهه زخمي

news

ملتان: (آچر 09 جون 2019ع) ملتان ويجهو جلالپور پير والا ۾ گهريلو تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

جلالپور پير والا جي اسلام پوره ڪالوني ۾ هڪ شخص گهر ۾ گهڙي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن سبب 3 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن  ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جنهن کان پوءِ جوابدار پنهنجو پاڻ کي به گولي هنئي.

اطلاع ملندي ئي ريسڪيو جون ٽيمون موقعي تي پهچي ويو ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب فائرنگ جو واقعو رشتي جي تڪرار سبب پيش آيو آهي جنهن کان پوءِ جوابدار پنهنجو پاڻ کي گولي هڻي زخمي ڪيو آهي.