ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي مختصر دوري تي سريلنڪا پهچي ويو

news

ڪولمبو: (آچر 09 جون 2019ع)   ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي مختصر دوري تي سريلنڪا پهچي ويو آهي جتي هو پنهنجي هم منصب سميت ٻين اختيارين سان ملاقاتون ڪندو.

نريندر مودي جي چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ سريلنڪا جو پهريون پرڏيهي دورو آهي جتي ڪولمبو ايئرپورٽ تي سريلنڪا جي هم منصب رائل وڪرم سنگهي نريندر مودي جو استقبال ڪيو ٻئي اڳواڻ صدارتي سيڪريٽريٽ پهتا جتي مهمان وزيراعظم کي سرڪاري طور تي ڀليڪار چيو ويندو.

ڀارتي وزيراعظم سري لنڪا جي صدر ميٿري پالا سري سري سينا سان به ملاقات ڪندو. جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

نريندر مودي مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر مهندرا راجا پاڪسي ۽ ٻين سرڪاري وفدن سان به ملاقاتون ڪندو ۽ ڪولمبو ۾ ڀارتي ڪميونٽي کي به خطاب ڪندو جنهن کان پوءِ هو اڄ شام جو ئي واپس پنهنجي ملڪ موٽي ويندو.