ائين لڳي رهيو آهي ته شهباز شريف اولمپڪس يا ورلڊ ڪپ کٽي آيو آهي: شهباز گل

news

لاهور: (آچر 09 جون 2019ع) پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان شهباز گل شهباز شريف جي ملڪ واپسي تي چيو آهي ته ليگي اڳواڻن جي بيان بازي مان لڳي رهيو آهي ته شهباز شريف لنڊن مان علاج نه پر اولمپڪس يا ورلڊ ڪپ کٽي آيو آهي.

تفصيل موجب  شهباز شريف جي ملڪ واپسي تي پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته  شهباز شريف علاج جي نالي تي لنڊن ۾ عيد گذاري.

شهباز شريف جي وطن واپسي تي شهباز گل چيو ته شهباز شريف پنجاب جي عوام جي رت ۽ پگهر جي ڪمائي تي ڌاڙو هنيو، اڳوڻي حڪومت جي هر منصوبي ۾ ڪميشن ڪڪ بيڪس سامهون اچي رهيا آهن، ڪرپشن ۽ معيشت کي تباهه ڪرڻ تي کيس لائف ٽائيم ڪرپشن ايوارڊ ڏيڻ گهرجي، شهباز شريف علاج جي نالي تي عيد لنڊن ۾ گذاري.

هتي لشڪر سان گڏ گهمندڙ ماڻهو لنڊن ۾ پاڪستانين کان منهن لڪائيندا وتندا آهن، ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جو شهباز شريف پنهنجي روپوش ناٺي، پٽ ۽ اسحاق ڊار کي به گڏ وٺي اچي ها.

پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ هو ته پهريان پئسو لٽي پرڏيهه ۾ ملڪيتون ٺاهيندا آهن ۽ پوءِ غريب جي احساس جو جعلي پٽڻو پٽيندا آهن، چوري پڪڙجڻ ۽ احتساب جي ڊپ کان سڀ چور گڏ ٿي رهيا آهن، پنهنجي ڪرپشن ۽ احتساب تان عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ هاڻ هي احتجاج جو نعرو هڻندا.

هن وڌيڪ چيو ته بادشاهن وانگر حڪومت هلائڻ وارا هڪ اسپتال به ٺاهي سگهيا آهن. شهباز گل چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت نئين پاڪستان ۾ شاندار اسپتالون بڻائيندي ته جيئن اهڙن حڪمرانن کي ٻاهر نه وڃڻو پوي.