عيدالفطر تي رليز ٿيل فلم (رانگ نمبر ٽو) ڪاميابي جو ميلو لُٽي ورتو

news

ڪراچي: (آچر 09 جون 2019ع) عيدالفطر تي رليز ٿيندڙ مزاحيه فلم(رانگ نمبر2) رليز جي 3 ڏينهن ۾ 6 ڪروڙ 75 لک روپين کان وڌيڪ ڪمائي ورتا.

هدايتڪار ياسر نواز جي ڪاميڊي سان ڀريل فلم(رانگ نمبر2) شوقينن کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي. فلم ۾ اداڪاره نيلم منير ۽ سميع خان جي جوڙي کي گهڻو  پسند ڪيو پيو وڃي.

فلم جي ڪهاڻي ۾ مزاح ۽ جذباتن جو تڙڪو هنيو ويو آهي جڏهن ته فلم ۾ شامل گانن ۽ ڊانس به فلم جي ڪهاڻي کي اڳيان وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

رانگ نمبر 2 ۾ نيلم منير هميشه وانگر تمام گهڻو خوبصورت نظر آئي آهي. ان ڪري فلمن جي شوقينن جي لاءِ هي مڪمل طور تي هڪ مصالحه فلم آهي. اهائي وجه آهي ته عيدالفطر تي هي فلم شوقينن جي وڏي تعداد کي سئنيما گهرن تائين ڇڪي اچڻ ۾ ڪامياب رهي آهي.

فلم جي هدايتڪار ياسر نواز سوشل ميڊيا تي فلم جو  بزنس شيئر ڪيو آهي جنهن موجب فلم رليز جي 3 ڏينهن ۾ 6 ڪروڙ 75 لک جو بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي.