فردوس باجي شهباز شريف اچي ويو آهي هاڻ اوهان وڃڻ جون تياريون ڪريو: راناثناءُالله

news

لاهور: (آچر 09 جون 2019ع)مسلم ليگ(ن) پنجاب جي صدر رانا  ثناءُالله فردوس عاشق اعواڻ جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته فردوس باجي شهباز شريف اچي ويو آهي هاڻ اوهان وڃڻ جون تياريون ڪري وٺو.

ليگي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو ته فردوس باجي ٻن نعرن جي تياري ڪري وٺو. (گو عمران گو) ۽(چهپو چهپو بني گاله چهپو) هن چيو ته عمران خان ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. عوام کان ماني جو گرهه به ڦريو ويو ۽ روزگار به ڦريو ويو.

رانا ثناءُالله چيو ته باجي اڪنامڪ سروي جي رپورٽ ڏسو عمران صاحب مرهم نه پر زخم ڏئي مٿان لوڻ ٻُرڪي رهيو آهي. باجي ڪجهه ته الله کان ڊڄو. اوهان جي چهري تي شهباز شريف جو خوف، پنهنجي نالائقي ۽ چوري جو ڊپ ظاهر آهي. هاڻ سموري ٽولي جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي.

هن چيو ته فردوس باجي اوهان جيڪا شهباز شريف جي اچڻ تي تقرير ڪئي آهي ان سان گڏ سرڪاري بسن ۽ دوائن جي ڪرپشن جو به جواب ڏئي ڇڏيو ها. اوهان جو نئون باس پهرين ئي سال ۾ زيرو ڪارڪردگي سان فيل ٿي ويو آهي ان جو جواب ڏيڻ اوهان جو ڪم آهي.

نالائق اعظم نتهيا گلي ۾ آهي ۽ هتي آءِ ايم ايف پنهنجي مرضي جو بجيٽ ٺاهي رهيو آهي. عمران خان نيازي پنهنجي ٺاهيل حدفن ۾ ناڪام ٿي ويو آهي هاڻ هن کان شهباز شريف جي سوالن  جا جواب ڏيڻ جي تياري ڪرايو.