مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ويهه ميل پوليس جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

news

مدئجي: آچر 09 جون 2019ع:مدئجي ويجهومرزاپور جي ڪچي واري علائقي 20 ميل ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪوڙل مڱڻيجو ۾ عيد رات قتل ڪيل نوجوان ڇتل مڱڻيجو جي وارثن پيرسن والد هزار خان مڱڻيجو جي اڳواڻي ۾ نٽھڻ اُس ۾ ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن دوران مظاهرين ويهه ميل پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي  مظاهرين حضور بخش عرف هزار خان مڱڻيجو، حوت خان، علي خان، علي محمد، جادل، هدايت الله، اسحاق، رحمت الله، گلشير مڱڻيجو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جو نوجوان عيد خريداري ڪري واپس ڳوٺ اچي رهيو هو ته ڦورن هٿيارن جي زور تي کانئس موبائيل سيٽ 50 هزار روڪ رقم، هڪ سوني چين ۽ سوني منڊي ڦري مزاحمت ڪرڻ تي کيس گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.

هنن ٻڌايو ته 20 ميل پوليس ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ جوابدارن کان رشوت وٺي ڪلهوڙا مڱڻيجا وچ ۾ تڪرار تان مارجي وڃڻ جو ڪيس داخل ڪيو آھي. جڏھن ته ان سان اسان جو ڪوبه واسطو ناهي.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪندي چيو ته نوجوان جا قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ انصاف جي حاصلات لاء ڪورٽ سڳوري جو دروازو کڙڪايو ويندو.01