نيو سعيدآباد ۾ غلام مصطفيٰ رند جي صدارت هيٺ ميڙاڪو، غريب عوام دوست پينل جوڙڻ جو فيصلو

news

نيوسعيدآباد: آچر 09 جون 2019ع:اقتدار کي هيٺين سطح تي منتقل ڪري عوام کي جلد انصاف ۽ بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ بلدياتي نظام کي فعال ڪري ميئرن، ضلعي چيئرمينن سميت يوسيز جا چيئرمين چونڊيا ويا پر عوام کي گهربل سهولتون نه ملي سگهيون، سڄي سنڌ سميت مٽياري ضلعي جي تعلقي نيوسعيدآباد جي 8 يوسيز کي حڪومت پاران ضرورت موجب فنڊ نه ڏيڻ ۽ ٽائون ڪاميٽي نيوسعيدآباد وري سڄي سنڌ جي ٽائون ڪاميٽين کان وڌيڪ شاهوڪار هئڻ باوجود انتظاميا پاران شهرين کي پيئڻ جي صاف پاڻي، پبلڪ پارڪ ناڪارا هئڻ، واٽر سپلاءِ به ناڪاره هئڻ، گندي پاڻي جي کڏن تي قبضا هئڻ سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڪوبه تحرڪ نه وٺڻ سبب ٻهراڙي وارن علائقن سميت شهر جا لکين ماڻهو ڪيترن ئي بنيادي مسئلن ۾ گهيريل آهن.

اهڙن مسئلن کان بيزار ٿي مختلف سياسي سماجي ڌرين پاران تعلقي سطح تي غريب عوام دوست اتحاد جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ رند هائوس نيوسعيدآباد ۾ سينيئر قومپرست ۽ معروف سماجي اڳواڻ غلام مصطفيٰ رند جي ميزباني هيٺ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾  ذوالفقار جمالي، غلام رضا ڪاڪا، اشرف جمالي، شاھ محمد پٺاڻ، سليم حاجاڻو، عمران ڪاڪا، سعيد احمد راجپوت، عقيل احمد راجپوت، عرفان مغل، رئيس قادر بخش رند، استاد ولي محمد رند، نديم ڪلھوڙو، نظير احمد ڳنڀير، شوڪت رند ۽ ٻين شهرين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن تقريرون ڪندي چيوته هر دور ۾ عوام سوني جهرڪي وارا خواب ڏيکاري ووٽ ورتا ويندا آهن،  پر نيو سعيدآباد تعلقي انسانن جي جياپي لاءِ اهم حثيت رکندڙ صاف پاڻي به ناهي، پاڻي سينکيو کان به خطرناڪ حد تائين پهچي ويو آهي، ڪيترائي ماڻهو گڙدا فيل ٿيڻ، ڪاري ڪامڻ جي بيمارين ۾ وڪوڙجي فوت ٿي چڪا آهن، شهر جي نوجوانن کي تفريح لاءِ تعمير ٿيل پارڪ ناڪارا بڻيل آهن، واٽر سپلاءِ به ناڪاره آهي، ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي بنيادي مسئلا آهن، خبر ناهي ڪروڙين رپيا ڪٿي خرچ ٿي رهيا آهن. ان موقعي تي اڳواڻن اعلان ڪيو ته ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ سڄي تعلقي ۾ اميدوار بيهاريا ويندا.01