ڳيريلو ۾ راجپوت برادري پاران پوليس جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ڳيريلو:آچر 09 جون 2019ع: ڳيريلي پوليس پاران پرائمري استاد جي نوجوان پٽ امجد علي ميئو راجپوت کي مسجد مان کنڀي پوليس مقابلي ۽ 13 ڊي جا ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف ٽئين ڏينهن به  ڳيريلي شهر جي ميئو راجپوت برادري پاران نواب چوڪ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن بعد پريس ڪلب تائين پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب پهچي پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي  پرائمري استاد اسلام الدين ميئو ميڊيا اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته ڳيريلو پوليس منهنجي نوجوان پٽ امجد علي ميئو  کي مسجد مان  کنڀي کڻي وحشياڻو تشدد ڪري کيس ھاف فراءِ ڪرڻ جا داٻا ڏئي ايس ايڇ او ڳيريلو علي حسن ابڙو مون کان پٽ جي  آزادي لاءِ  هڪ لک روپيا رشوت وٺڻ باوجود منهنجي پٽ مٿان ڪوڙو پوليس مقابلو ۽ 13 ڊي جا الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري سندس زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي. هن چيو ته ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ھاف فراءِ ۽ ڦل فراءِ ۾ مشهوري ماڻيندڙ مسعود بنگش جي مقرري جو لاڙڪاڻو پوليس غلط فائدو وٺندي مسڪينن ماڻهن کي ڦل ۽ ھاف فراءِ جا داٻا ڏئي لکين روپيا رشوت وٺڻ جو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته  اسان کي حيرت آهي ته ايماندار ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي جي  مقرري باوجود پوليس مسڪينن ماڻهن سان ظلم ۽ ناجائزيون بند ناهن ڪيون، ايماندار آفيسرن جي مقرري جي نالي عوام کي تحفظ ڏيڻ بدران ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي پر لاڙڪاڻي جا ايماندار سڏجندڙ آفيسر پوليس جي عوام سان ناجائزين تي خاموش بڻيل آهن.

هن چيو ته جيستائين اسان راجپوتن سان انصاف نه ڪيو ويندو، تيسائين اسان جو پرامن احتجاج جاري رهندو ۽ ٻن ڏهاڙن بعد ڳيريلي پوليس جي ڪوڙن ڪيسن خلاف شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري انتظاميا عدالتن کي  اهو پيغام ڏينداسين ته اسان راجپوت چور ڌاڙيل نه پر ڪاروباري ماڻهو آهيون، ڳيريلو پوليس اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ڌاڙيل ڄاڻائي رهي آهي.

پاڪ ڪتاب تي داخل ڪيسن جي  جاچ ڪرائي وڃي  پوليس جون ناجائزيون ڪنهن به صورت ۾  برداشت نه ڪنداسين  هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ڊي آءِ لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي  پاڪ ڪتاب تي انڪوائري ڪرائي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڳيريلو پوليس جي ناجائزين خلاف شهر ۾ تحريڪ هلائي ويندي.01