پ پ چيئرمين آصف علي زرداري پاران فنڪار الهداد زرداري جي علاج جو اعلان، عاشق حسين فوڪل پرسن مقرر

news

مورو:آچر 09 جون 2019ع: چئن سالن کان بيماري جي بستري تي زندگيءَ ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل ڀلوڙ فنڪار الهداد زرداري جو سابق صدر آصف علي زرداري سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.

اُن حوالي سان ڀلوڙ فنڪار الھداد زرداري جي علاج لاءِ سابق صرر آصف علي زرداري پنھنجي ويجهي ساٿي عاشق حسين زرداري کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي، جيڪو عاشق زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملندو ۽ الهداد زرداري جي بيماري جي حوالي سان رپورٽون پيش ڪندو.

ياد رھي ته سابق صدر آصف علي زرداري تائين اھڙي اپيل ضلعي صدر پاڪستان پيپلزپارٽي فيروز احمد خان جمالي انفارميشن سيڪريٽري خان محمد اعواڻ الھداد زرداري ۽ حاجي خان ڀٽي جي علاج جي سلسلي ۾ ڳالھ رکي، جنھن تي اھڙو اعلان ڪيو ويو.01