اٺن ورهين جي مسلمان نينگري سان زيادتي ۽ قتل ڪيس: ڀارتي عدالت ڇهن جوابدارن کي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو

news

نئين دهلي: (سومر 10 جون 2019ع) ڀارتي عدالت والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍائي کان پوءِ قتل ڪيل اٺن ورهين جي مسلمان نينگري جي ڪيس ۾ ڇهن جوابدارن کي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل سال جنوري ۾ والاريل ڪشمير جي علائقي ڪاٺوا جي ٻيلي مان اٺن ورهين جي مسلمان نينگري جو مڙهه هٿ آيو هو جنهن کي زيادتي کان پوءِ قتل ڪيو ويو هو. پوليس ڪيس ۾ 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو، جوابدارن جي گرفتاري خلاف ڀارت ۾ هندو انتها پسند پارٽين طرفان احتجاج به ڪيا ويا ۽ احتجاج ان وقت وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويا جڏهن ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي جي ٻن وزيرن جوابدارن خلاف ڪڍيل ريلي ۾ شرڪت ڪئي.

ڪيس جو ٽرائل خاص عدالت ۾ شروع ڪيو ويو جتي جوابدارن پنهنجي مٿان لڳايل الزامن کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڀارتي عدالت سومر ڏينهن ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي هڪ جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪيس ۾ ڏوهاري قرار ڏنل ٻين ماڻهن ريٽائرڊ سرڪاري ملازم ۽ چئن پوليس اهلڪارن سميت هڪ ننڍي عمر وارو جوابدار به شامل آهي، جنهن جو ٽرائل انڊين نابالغ ايڪٽ تحت ڪيو ويندو.

ڪاٺوا ۾ نينگري سان ڏاڍائي ۽ قتل ڪيس پنهنجي نوعيت جو هاءِ پروفائيل ڪيس ثابت ٿيو جنهن کان پوءِ ڀارت ۾ جنسي زيادتي جي حوالي سان نئون قانون آندو ويو جنهن تحت ٻارنهن ورهين تائين جي نينگري سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن لاءِ  موت جي سزا تجويز ڪئي وئي .