افغان صدر سان زلمي خليل زاد جي ملاقات انٽرا افغان ڳالهيون شروع ڪرڻ تي اتفاق

news

ڪابل: (سومر 10 جون 2019ع)  افغانستان ۾ امن جي لاءِ مقرر ڪيل آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد افغان صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي جنهن دوران انٽرا افغان ڳالهين جون تياريون فوري طور شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

افغان صدارتي اختيارين موجب ڪابل ۾ آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد ۽ صدر اشرف غني جي وچ ۾ ملاقات دوران  افغان عمل بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. زلمي خليل زاد پنهنجي تازن دورن ۽ مستقبل جي لائحه عمل بابت افغان صدر کي آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن افغان عمل  ۾ جرمني جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

ان موقعي تي زلمي خليل زاد چيو ته افغان عوام کي هاڻ افغان امن عمل جو فوري طور تي حصو بنائڻ گهرجي. افغان صدر اشرف غني ۽ آمريڪي خاص نمائندي انٽرا افغان ڳالهيون جلد کان جلد شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻئي طرف آمريڪي سفارتخاني موجب زلمي خليل زاد ڪابل کان پوءِ اسلام آباد، برلن ۽ برسلز جو دورو به ڪندو.