ڀارت، آسٽريليا ميچ: ڪوهلي ڀارتي شوقينن جي اسمٿ سان خراب سلوڪ تي معافي وٺي ڇڏي

news

لنڊن: (سومر 10 جون 2019ع) ورلڊ ڪپ 2019ع ۾ ڀارت ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ميچ دوران ڀارتي شوقينن جي خراب سلوڪ تي ويرات ڪولهي کي شرمندگي جو منهن ڏسڻو پيو.

اوول ۾ ڀارت ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ميچ دوران ڀارتي شوقين آپي کان ٻاهر نڪري ويا ۽  اسٽيون اسمٿ تي هوڪرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيائون جنهن جي جواب ۾ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪولهي پنهنجي بيٽنگ جي دوران تماشائين وٽ ويو ۽ کين چپ رهڻ جو مشورو ڏنو.

ميچ کان پوءِ پريس ڪانفرنس جي دوران ويرات ڪولهي ان واقعي تي ڀارتي تماشائين مٿان سخت ناراض نظر آيو.  ياد رهي ته آچر تي اوول جي تاريخي ميدان ۾ ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسٽيڊيم ڀارتي تماشائين سان ڀريل هو ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ئي آسٽريلوي مداح نظر اچي رهيا هئا. ميچ ۾ ڀارت جي بيٽنگ دوران جڏهن اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو اسمٿ کي فيلڊنگ لاءِ بائونڊري تي اماڻيو ويو ته ڀارتي پرستارن گذريل سال بال ٽيمپرنگ اسڪينڊل جي حوالي سان مٿس لفظي وار ڪيو. ان موقعي تي ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي مداخلت ڪئي ۽ اسمٿ خلاف گٿن لفظن جو استعمال ڪرڻ تي ڀارتي شوقينن کي تنبيهه ڪندي چيو ته هو اسٽيو اسمٿ لاءِ تاڙيون وڄائين. جڏهن پاڻي جو وقفو ٿيو ته سپورٽ ڪرڻ تي اسٽيو اسمٿ ڪوهلي سان هٿ ملائيندي سندس شڪريو ادا ڪيو.

جڏهن ميچ کان پوءِ ورات ڪوهلي کان ان معاملي بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته جيڪو ڪجهه ٿيو اهو هاڻ ماضي جو قصو بڻجي چڪو آهي، ان واقعي کي گهڻو عرصو گذري چڪو آهي ۽ هاڻ هو ( اسمٿ) پنهنجي ٽيم لاءِ کيڏي رهيو آهي ۽ آءِ پي ايل به کيڏي چڪو آهي. ڪوهلي وڌيڪ چيو ته جيڪي ٿيو سو ٿيو، پر رڳو انڪري ته ميدان ۾ تمام گهڻا ڀارتي سپورٽر هئا ته آئون نه چاهيندس ته هو ڪو غلط مثال قائم ڪن ڇاڪاڻ ته اسمٿ ڪو به اهڙو ڪم ناهي ڪيو جنهنڪري مٿس لفظي وار ڪيا وڃن ورات ڪوهلي جي اهڙي قدم کي سوشل ميڊيا تي اڳوڻن ڪرڪيٽرن تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي.

ياد رهي ته ڀارتي شوقينن جو غير ملڪي ٽيمن سان خراب سلوڪ  هي پهريون دفعو ناهي ان کان اڳ به ڪيترائي دفعا ڀارتي شوقين ٻين ٽيمن جي رانديگرن سان برو سلوڪ ڪندا آيا آهن. خاص ڪري اهو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڀارت جي ميچ هارائڻ وقت شوقين آپي کان ٻاهر نڪري ويندا آهن.