هيٽي ۾ حڪومت خلاف مظاهرا، صدر کان استعيفيٰ جو مطالبو

news

پورٽ او پرنس: (سومر 10 جون 2019ع) هيٽي ۾ صدر جووينل موانس جي خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. احتجاج ڪندڙ صدر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

صدر جي رهائشگاهه آڏو پوليس ۽ مظاهرين جي وچ ۾ جهڙپن دوران 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. خبرون ڏيندڙ اداري موجب هيٽي ۾ صدر موانس  ۽ حڪومت مخالف مظاهرن ۾ تيزي اچي وئي آهي. احتجاجي مظاهرين صدر جووينل موانس تي غبن ۽ ڪرپشن جا الزام هڻي رهيا آهن.

هيٽي جا هزارين ماڻهو ريلين ۽ مارچ جي صورت ۾ روڊن تي نڪري آيا ۽ صدر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. مڇريل مظاهرين 2 عمارتن کي به باهيون ڏئي ڇڏيون آهن. سرڪاري اختيارين پاران 2018 ۾ وينزويلا مان ملندڙ امداد مان ڪرپشن تي فرد جرم عائد ڪئي وئي هئي.

فنڊن جي استعمال ۾ بي ضابطگين ۾ صدر موانس به ملوث هو جنهن کان پوءِ هاڻ سندس خلاف احتجاجي مظاهرا شروع ٿي ويا آهن جڏهن ته مظاهرين فوري طور تي صدر جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.