مدئجي ۾ مڪاني کاتي جي ملازم جو گهرڀاتين سميت پوليس جي ظلم خلاف احتجاج

news

مدئجي:سومر 10 جون 2019ع: مدئجي جي غريب آباد محلي جي رهواسي مڪاني کاتي جي ملازم محمد پناهه ميرالي پنهنجي گهرواري ۽ پٽ سميت پريس ڪلب پهچي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي پوليس ۽ وياج هلائيندڙ خيرالدين گولو جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي محمد پناهه ميرالي ميڊيا آڏو دانهيندي چيوته ڪجهه وقت اڳ منهنجي ڀاءَ وياجي خيرالدين گولو کان وياج تي پئسا ورتا هئا، جيڪو وياج ادا ڪرڻ لاءِ ڀاءَ گهر کپايو پر وياج نه لٿو، جنهن کان تنگ اچي هو ڀڄي ويو آهي، هاڻ وياجي منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

هن دانهيندي چيوته ڪشمور پوليس جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڪشمور پوليس وياج خور خيرالدين گولو جي ونگار وهندي منهنجي گهر تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد بعد مونکي بيگناهه گرفتار ڪري مون مٿان 13 ڊي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو هو، هاڻي ضمانت تي آزاد ٿيو آهيان ته پوليس ۽ وياج خور موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، مان مسڪين ماڻهو آهيان، مڪاني کاتي ۾ پٽيوالو آهيان.

مظاهرين ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت وس وارن کي اپيل ڪندي چيوته نوٽيس وٺي ڪشمور پوليس ۽ وياج خورن خلاف ڪارروائي ڪري داخل ڪرايل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.01