ميرپورماٿيلو ۾ پيرسن جو ڀيڻن سان گڏجي پٽن ۽ ڀائيٽن جي ظلم خلاف احتجاج

news

ميرپور ماٿيلو: سومر 10 جون 2019ع:گهوٽڪي جي پيرسن الله بخش پٺاڻ پنهنجي ڀيڻن مسمات لعل بيبي، مسمات مسمات نسيم اختر سان گڏجي ايس ايس پي آفيس جي ڪمپلين سينٽر ٻاهران پنهنجي پٽن ۽ ڀائيٽن جان محمد، عبدالحفيظ، عبدالخالق، عبدالوحيد، عبدالمالڪ پٺاڻ خلاف احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته منهنجا پُٽ ۽ ڀائيٽيا جان محمد، عبدالحفيظ، عبدالخالق، عبدالوحيد، عبدالمالڪ پٺاڻ اسان جي گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ 34 جريب زرعي زمين هڪ ڏوهاري جي ڀاءُ کي وڪرو ڪئي آهي.

جڏهن ته ان زمين جو کاتو اسان جو آهي، هاڻي مون کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن  هنن چيو ته اسان مسڪين آهيون اسان جي ڪير به مدد نه ٿو ڪري، هنن چيو ته اسان جي ملڪيت تي هاڻي ڏوهاري ماڻهو قبضو ڪرڻ چاهن ٿا، جڏهن ته اسان مسڪين آهيون اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي مدد ڪري اسان کي انصاف ڏنو وڃي.01