ملير ۾ ٽريفڪ اهلڪارن کان هٿيار ڦر ڪرڻ جي ڪوشش، فائرنگ ۾ ٻه ڦورو مارجي ويا

news

ملير(رپورٽ: دريا خان شر)سومر 10 جون 2019ع: شاهه لطيف، قذافي ٽائون ۾ پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾  مقابلو.

ڦورو قائدآباد پل ھيٺيان موجود ٽريفڪ اھلڪارن کان سرکاري ھٿيار ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس ۽ ڦورون وچ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڦورو مارجي ويا.

جڏهن ته ڦورن وٽان سرڪاري هٿيار ۽ غيرقانوني هٿيار ھٿ ڪيا ويا آهن. هوڏانهن مارجي ويل ڦورن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا.01