ضمانت ۾ واڌ واري درخواست رد: نيب حمزه شهباز کي گرفتار ڪري ورتو

news

لاهور: (اڱارو 11 جون 2019ع)  نيب هاءِ ڪورٽ جي طرفان ضمانت ۾ واڌ واري درخواست رد ڪرڻ کان پوءِ حمزه شهباز کي گرفتار ڪري ورتو.

پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزا شهباز شريف کي نيب گرفتار ڪري ورتو آهي. حمزه شهباز تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا، رمضان شوگرملز ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت ۾ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ليگي ڪارڪنن جي وڏي تعداد موجود هئي. حمزه شهباز ضمانت ۾ واڌ لاءِ عدالت پهتو ته ڪارڪنن سندس گاڏي کي گهيري ورتو ۽ نعريبازي ڪئي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ حمزا شهباز جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر جهانزيب ڀروانه دليل ڏيندي چيو ته حمزا شهباز شريف جي 38 ڪروڙ 80 لک جا اثاثا سندس آمدني سان هڪجهڙائي نٿا رکن. هن ٻڌايو 2015ع کان 2018ع تائين حمزا شهباز اثاثا ظاهر نه  ڪيا ۽ اوچتو حمزا شهباز 2019ع  ۾ چيو ته سندس اثاثا 5 ڪروڙ مان 20 ڪروڙ جا ٿي ويا آهن. نيب جي وڪيل اهو پڻ چيو ته حمزا شهباز کان پڇو ويو ته پرڏيهه مان جيڪي پئسا ايندا آهن ان جو ذريعو ٻڌايو پر حمزا شهباز نه ٻڌائي سگهيو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا حمزا شهباز عدالت ۾ موجود آهي، جنهن تي سندس وڪيل سلمان بٽ چيو ته جي حمزا شهباز عدالت جي ڪمري ۾ موجود آهي. حمزا شهباز جي وڪيل ٻڌايو ته نيب رڳو گرفتاري جا سبب ۽ انڪوائري ۽ جاچ بابت دستاويز ڏئي.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ حمزا شهباز جا گرفتاري وارنٽ  نيب چيئرمين جاري ڪيا آهن جنهن تي سندس وڪيل جواب ڏنو ته نيب چيئرمين سندس اصيل جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جيڪو به فيصلو ڪنداسين بنهه قانون موجب ڪنداسين، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته حمزا شهباز ڪيئي بئنڪ اڪائونٽن مان شڪي ٽرانزيڪشنز ڪئي ۽ سندس خلاف درخواست به ملي. هن ٻڌايو ته حمزا کان آف شور ڪمپنين بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي جنهن دوران هو تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهيو هو. حمزا شهباز پنهنجي ضمانت جون درخواستون واپس وٺي ڇڏيون جنهن کان پوءِ نيب اختيارين حمزا شهباز کي عدالت جي ڪمري مان گرفتار ڪري ورتو. نيب جي ٽيم حمزه شهباز کي لاهور جي آفيس پهچايو جتي شروعاتي ڪارروائي کان پوءِ سندس طبي معائنو ڪيو ويندو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته حمزه شهباز کي سڀاڻي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو جتي سندس جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي ويندي.  هوڏانهن حمزه شهباز جي گرفتاري تي لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران مسلم ليگ(ن) جي ڪارڪنن سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. حمزه شهباز جي گرفتار يجي خلاف جي پي او چوڪ، مال روڊ تي (ن) ليگ جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو. (ن) ليگ جي ڪارڪنن جي پي او چوڪ ٽريفڪ جي لاءِ به بند ڪري ڇڏيو.

ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ حمزه شهباز صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مون ڪابه ڪرپشن ناهي ڪئي. مون نيب کي چيلنج ڪيو هو ته ڪرپشن جي هڪ پائي جو به ثبوت کڻي اچن ته سياست ڇڏي ڏيندس. هن چيو ته فردوس عاشق اعواڻ هڪ ڏينهن پهريان زرداري صاحب جي گرفتاري جو ٻڌائي ڇڏيو هو منهنجي باري ۾ نيب چيئرمين چيو هو ته حمزه کي گرفتار ڪرڻو آهي. هن چيو ته اڄ قوم ڏسندي ته نيب چيئرمين جي خواهشن جي پورائي ٿي آهي يا انصاف جي سوڀ. هن چيو ته جيلون منهنجي لاءِ نيون ناهن.