ميرپورخاص ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن پاران آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف ريلي

news

ميرپورخاص: اڱارو 11 جون 2019ع:نيب پاران پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف پ پ جي چونڊيل نمائندن، اڳواڻن، عهديدارن ۽ ڪارڪنن پاران پ پ سٽي آفيس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نيب چيئرمين ۽ وزيراعظم جي پتلن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. پ پ ڌڙا بندي جو شڪار، هڪ ايم پي اي ريلي اڌ ۾ ڇڏي روانو ٿي ويو. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي ضلعي چيئرمين مير انور ٽالپر، ايم پي اي ميرطارق ٽالپر، ايم پي اي نور احمد ڀرڳڙي، پ پ اڳواڻ ڪرن هري رام، مير علي رضا ٽالپر، عبدالسلام ميمڻ، خادم بهراڻي، جبار غوري، رشيد پنهور ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت پاران سياسي انتقام ورتو پيو وڃي، ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي آهي، معيشت تباهه آهي، جنهن تان عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ آصف علي زرداري کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت توڙي ڪارڪن جيلن کان نٿا ڊڄن، آمرن سان هميشه مهاڏو اٽڪايو آهي، آصف زرداري اڳ به 12 سال جيل ڪاٽي چڪو آهي، اسان وفاقي حڪمرانن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته انتقامي ڪارروايون ايتريون ڪن جيڪي هو پاڻ برداشت ڪري سگهن. پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي چونڊيل نمائندن ۽ اڳواڻن تي نيب جا ڪيس آهن پر انهن خلاف نيب پاران ڪابه ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي، سليڪٽيڊ وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم صرف اپوزيشن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هنن چيو ته هن وقت اسان پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ويندي ۽ موجوده حڪمرانن کي لڪڻ جي جڳھ نه ملندي.

هنن چيو ته نيب وٽ ڪي به ثبوت نه آهن، ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، ايم اين اي فريال ٽالپر سميت ٻين پ پ پ اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور آصف علي زرداري کي آزاد ڪري پ پ پ اڳواڻ تي نيب ۾ داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، ريلي دوران به پ پ پ جي ڌڙابندي نظر آئي، ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاهه ريلي اڌ ۾ ڇڏي روانو ٿي ويو ۽ سندس حمايتي ڪارڪن به ساڻس گڏ روانا ٿي ويا، جڏهن ته اهي به چئوٻول آهن ته سنڌ ۾ پ پ پ جو هڪ فارورڊ بلاڪ تيار ٿي رهيو آهي، فارورڊ بلاڪ ۾ ويندڙ ايم پي اي ڪنهن به احتجاج ۾ نظر نٿا اچن، ذوالفقار شاهه جو به فارورڊ بلاڪ ۾ وڃڻ جو امڪان آهي.01