لڳي ٿو ته سيمي فائنلسٽ ٽيمن جو فيصلو به برسات ئي ڪندي: سرفراز احمد

news

لنڊن: اڱارو 11 جون 2019: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ورلڊ ڪپ ۾ ڪنهن به ٽيم جي طرفان 500 رنسون ٺاهڻ جي امڪانن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ ۾ ايئن ڪرڻ ممڪن ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

واضح رهي ته پاڪستان هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان گهٽ 105 رنسون ٺاهيون ۽ سڀ کان وڌيڪ 348 رنسون به پاڪستاني ٽيم ٺاهيون. ٻئي اسڪور ٽرينٽ برج ناٽنگم ۾ بڻيا.

سرفراز احمد کان سوال پڇيو ويو ته ڇا ڪا ٽيم 500 رنسون ٺاهي سگهي ٿي ته ان چيو ته 500 رنسون ٺاهڻ جون ڳالهيون وقت کان اڳ آهن. هي ورلڊ ڪپ آهي، 500 رنسون ڪڏهن ڪڏهن ٺهنديون آهن. منهنجو خيال ناهي ته هن ورلڊ ڪپ ۾ ڪا ٽيم پنج سئو رنسون ٺاهي سگهندي.

سرفراز احمد آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ جي تائيد ڪندي چيو ته برسات جهڙي طرح ٽورنامينٽ تي اثرانداز ٿي رهي آهي، لڳي ٿو ته سيمي فائنلسٽ ٽيمن جو فيصلو به برسات ئي ڪندي، اميد ڪريون ٿا ته موسم بهتر ٿيندي.

هن چيو ته اسان کي ڄاڻ آهي ته ڪهڙي ٽيم کيڏاڻي آهي، ٽاس پچ تي اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. جيڪڏهن مختصر ميچ ٿيندو ته پوءِ پلاننگ مختلف هوندي. پاڪستان کٽيندو اچي رهيو آهي ۽ آسٽريليا هارائيندو اچي رهيو آهي، ان لاءِ اسان جا حوصلا بلند آهن.