اڏيرو لال اسٽيشن ۾ ڀوڦاڙ شاخ کي لڳل پنجاهه فوٽ گهاري جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، متاثرن جو احتجاج

news

اڏيرو لال اسٽيشن:اڱارو 11 جون 2019ع: اڏيرو لال اسٽيشن ويجهو گذريل ڏينهن ڀوفاڙ شاخ کي لڳل 50 فوٽ گهاري جو چونڊيل نمائندن سميت ڪنهن به عملدار نوٽيس نه ورتو، ڳوٺ محمد علي بلوچ جي متاثر ڳوٺاڻن  چيتن ڪولهي، رامچند ڪولهي، پليو ڪولهي، پرٻو ڪولهي، راڻو ڪولهي، همريش ڪولهي، شگهن ڪولهي ۽ ٻين ايريگيشن عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو ته ايس ڊي او سب ڊويزن ٽنڊوآدم عبدالرشيد کوسو ۽ سرويل حبيب الله وگهيو جي نااهلي سبب شاخ کي گهارو پيو.

جنهن جو پاڻي اسان جي گهرن ۽ فصلن کي تباهه ڪري ڇڏيو،  پر 2 ڏينهن گذرڻ جي باوجود اڃا تائين اسان وٽ نه ڪو چونڊيل نمائندو لڙي آيو آهي ۽ نه وري ايريگيشن جو ڪو اعليٰ آفيسر پهتو آهي  ۽ اسان جو اناج، بهه، هنڌ، بسترا، ٻڪريون ۽ ٻيو سڀ ڪجهه پاڻي ۾ لڙهي ويو ۽ اسان کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي گهرن ۽ فصلن مان ڪڍي رهيا آهيون. متاثرن  وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واهر ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

ٻئي طرف زميندار محمد علي بلوچ ٻڌايو ته ايريگيشن جي ڪرپٽ ايس ڊي او سب ڊويزن ٽنڊوآدم عبدالرشيد کوسو ۽ سرويل حيبب الله وگهيو جي نااهلي سبب بوفاڙ شاخ کي گهارا پوڻ معمول بڻجي ويا آهن.

هنن چيو ته ايريگيشن عملدارن رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي ۽ اسان جا ڪروڙين روپين جا بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن . هنن چيو ته ايريگيشن جي ڪرپٽ ڪامورن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندسين.01